ٽنڊو آدم ( ن ع آ) ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ طارق عزيز ڏيرو ۾ سماجي براين خلاف جاکوڙيندڙ ۽ سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ غلام سرور ابڙو جي گهر تي ٿيل فائرنگ جو ڪيس تعلقي ٿاڻي تي 3 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي ۔ واقعي خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ پاران شاهجهان جوڻيجو، سرور ابڙو، انور چاڪراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ۔ ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان نه جهڪڻ وارا نه وڪامڻ وارا آھيون ۔ هنن گهر ڪئي ته سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ سرور ابڙو تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۔ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۔