ڪنب ۾ امدادي رقم مان 5 سئو ڪٽوتي، متاثرن جي وڊيو وائرل

ڪنب (ن ع آ) مستحقين لاءِ آيل رقم ست هزار مان ڊيوائيس مافيا پاران پنج سو کان هڪ هزار تي ڪٽوتي جو سلسلو جاري آھي جڏهن ته بسپ ۽ ايڇ بي ايل جي ملي ڀڳت سان ڊيوائيس هولڊرس کي سينٽر بجاء  من پسند لوڪيشن جاري ڪيون ويون آھن جڏهن ته ڊيوائيس ايجنٽن پاران مستحق عورتن جي آڱوٺن جا جعلي مبينه پلاسٽڪ فنگر ٺاهي جعلسازي زريعي لکين رپيا هڙپ ڪرڻ جي ويڊيو سوشل مڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور جي نوٺيس وٺڻ تي ڪنب پوليس ٻن ڊيوائيس ايجنٽ کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۔رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪنب اسلم لغاري ٻڌايو ته مستحقين جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايتن تي ٻن ڊيوائيس ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آھي جڏهن ته جعلي پلاسٽڪ جا فنگر ناهن مليا۔ گرفتار ٻنهي ڄڻن  خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۔ٻي طرف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بسپ هوش محمد وساڻ ٻڌايو ته مستحقين جي رقم مان ڪٽوتي ٿيڻ جي شڪايتن تي مختلف سينٽرن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ اتي موجود مستحقين کي پوري رقم ڏياري وئي هن چيو ته ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.