حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا جا سمورا قاتل گرفتار نه ٿيا،ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) شهيد بلال ڪاڪا جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪالهه ايس ايس پي آفيس آڏو 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو، محبوب ابڙو، ايڊوڪيٽ عرفان خاصخيلي، وارثن گلشير ڪاڪا ۽ ٻين چيو ته 6 مهينا اڳ بلال ڪاڪا کي باءِ پاس تي هوٽل مالڪ افغاني پٺاڻ ۽ سندس ساٿين بيدردي سان قتل ڪيو، ڀٽائي نگر ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس سندس ڀاءِ سلام ڪاڪا جي فرياد تي 10 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو، پر پوليس مک جوابدار بختيار پٺاڻ سميت ٻين کي اڃا تائين گرفتار نه ٿي ڪري، جڏهن ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالتن به پوليس کي حڪم ڏنو آهي، پر تنهن باوجود اڃا تائين 7 جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، جيڪي مختلف طريقن سان حراسان پيا ڪن. هنن چيو ته واقعي واري ڏينهن باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ خاطري ڪرائي هئي ته سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا، پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺي سمورن جوابدارن کي منتقي انجام تي پهچي سگهن. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.