جيڪب آباد ۾ مزدور شهري اتحاد جو اٽي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج

جيڪب آباد ( رپورٽ: بيورو چيف ) جيڪب آباد مزدور شھري اتحاد پاران ڪوئيٽا روڊ  حاجي غلام نبي رند جي آفيس کان سنڌ اندر ھٿرادو اٽي جي قلت ۽ مھانگي خلاف  مزدور شھر اتحاد جي صدر حاجي غلام نبي رند ۽  راجه گل بروهي، محمد ھاشم سومرو، محمد رمضان گولو، غلام  ياسين  سومرو، شاھنواز منهنجو رحيم بخش بروهي پير بخش پٺاڻ ۾ ضلعي آفيس کان  ڊي سي چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر ھٿرادو اٽي جي قلت ۽ مھانگي اگ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، غريب عوام ھڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ سخت پريشان آھي، سنڌ حڪومت اگھور ننڊ ستل آھي، اسين سنڌ حڪومت کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون ته فورن اٽي جي اڳ تي ڪنٽرول ڪري سستي اڳ ته اٽو وڪرو ڪيو وڃي، جيئن غريب عوام ويلي جي ماني کائي سگھي، جيڪڏھن اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ نه ڪئي وئي ته پوري سنڌ ۾ مزدور ن پاران سنڌ اندر  احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. وزير اعظم ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.