باڊهه ۾ بدامني، هٿيارن جي زور تي ڦر، مزاحمت تي زخمي

باڊھ (ن ع آ ) باڊھ شھر ۾ رائيس ڪئنال جي پل وٽ نوجوان عبدالوحيد بروھي کي ٽن ھٿياربند ڦورن يرغمال بڻائي کائنس موٽر سائيڪل ڦر ڪئي،  مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربند  نوجوان کي ھٿيارن جي بٽن جا زوردار ڌڪ  ھڻي شديد زخمي ڪري وڌو،  ھٿيار بند جوابدار ڦر ٿيل موٽر سائيڪل کي ڇڏي آساني سان فرار ٿي ويا ھوڏانھن زخمي نوجوان کي باڊھ ٿاڻي تي آڻن بعد باڊھ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو ويو جتي کيس فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايمر جنسي شعبي ڏانھن منتقل ڪيو ويو ٻئي طرف واقعي جي باڊھ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي, هوڏانهن باڊھ جي پراڻي شھر واري مان ٽي نامعلوم ڦورو نوجوان دڪاندار سڀاش ڪمار کان موبائيل فون ۽ ھزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي باڊھ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.