دادو ۾ گئس بحران وڌي ويو، شهرين جو ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي گذارو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) دادو ۾ گھريلو گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، اڪٽر گھرن ۾ معصوم شاگردن، شاگردياڻين، استادن  سميت سمورن سرڪاري نيم سرڪاري ملازمن کي بغير ناشتي جي پنهنجن اسڪولن ۽ آفيسن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو ۽ گهريلو زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي شهر جي مختلف پاڙن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته سوئي گئس آفيس دادو ۾ رشوت جي بازار گرم آهي سوئي گئس آفيس جي انچارج احمد بخش پتوجو ۽ عملو صرف مال گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، کاتي سان لاڳاپيل جائز ڪم به بغير رشوت جي نٿا ٿين، گذريل 4 مھينن کان مڪي مسجد جي گئس جي لائن بند آھي، آفيس انچارج احمد بخش پتوجو بجيٽ نه ھجڻ جو چئي صارفين کي ٽاريندو رھي ٿو، جٿي به وافر مقدار ۾ کين رشوت ملي ٿي اتي ڪم زور شور سان جاري آھي، ھنن گئس اداري جي اعليٰ اختيارين سميت ڊپٽي ڪمنشنر دادو کان مطالبو ڪيو ته جلد دادو شهر جي گھرن ۾ گئس جي فراهمي کي ممڪن بنائي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري راشي ڪامورن کي ھٽائي صارفين کي 24 ڪلاڪ گئس فراھم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.