جروار ( ن ع آ ) جروار ۾ بي آءِ ايس پي انچارج اسحاق نائچ عورتن طرفان ملندڙ شڪايتون وصول ڪيون ،جنهن تي ڊوائيس هلائيندڙن کي حڪم ڪيو ته ملندڙ شڪايتن کي حل ڪيو وڃي، بي آءِ ايس پي انچارج جو چوڻ هو ته جنهن کي به ڊوائيس وارن کان شڪايت آھي ته اهي منهنجي آفيس اچن انهن خلاف ڪاروائي ڪندس ۽ ڪنهن به غريب عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪئي ته ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.