سياري جي موسم ۾ ڪم ايندڙ ڪجهه گهريلو نسخا

کنگهه سياري جي موسم جو اهڙو تحفو آهي جيڪو تقريبن هر ماڻهوءَ کي ملندو آهي، گهڻي ٿڌ پوڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن کنگهه هفتي يا ٻن هفتن کان به وڌي ويندي جيڪو الرجي جي ڪري ٿئي ٿو. جيڪڏهن الرجي جي ڪري ڪنهن کي کنگهه ٿئي ته اها ختم ٿيڻ ۾ وقت ضرور وٺندي آهي، ڇو ته ان جا سبب سولائي سان ناهن ملي سگهندا، ان خشڪ ۽ ڏکي کنگهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا به آهن جن تي عمل ڪري ان مان جند ڇڏائي سگهجي ٿي.

الرجي واري کنگهه کي ختم ڪرڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا ئي ڪم ايندا آهن،ان لاءِ ماکي جي هڪ چمچي ۾ ٿورا پيٺل ڪارا مرچ ملايو ۽ سج لهڻ کانپوءِ اهو ماکيءَ وارو هڪ چمچو کائي وٺو، اهو ٽوٽڪو کائڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪلاڪن تائين توهان کي ڪجهه کائڻو يا پيئڻو ناهي، اهو ٽوٽڪو کنگهه جو دشمن سمجهيو ويندو آهي.

کنگهه کان بچڻ لاءِ ٻيو ٽوٽڪو به آهي جيڪو پنساري کان ٺهرائڻ سميت گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو، ان لاءِ توهان کي سُڪن ڌاڻن جو مغز پنج تولا، وڏفن جو مغز پنج تولا، خسخس پنج تولا، کنڊ پنج تولا، انهن سڀني کي سنهو پيسي پائوڊر تيار ڪري وٺو، اهو هڪ اهڙو نسخو آهي جيڪو جيڪو صبح يا شام وقت هلڪي گرم پاڻي يا کير سان استعمال ڪجي ته ڏکئي ۾ ڏکئي کنگهه ختم ٿي ويندي.

خشڪ کنگهه جي خاتمي لاءِ ڪشمش جا ڪجهه داڻا کڻي ان سان اوتري ئي مقدار جيتري خسخس ملائي انهن کي سنهو ڪُٽي وٺو، انهن جون ننڍيون گوريون ٺاهي وٺو، اهي گوريون هلڪي گرم پاڻي سان هڪ صبح هڪ شام استعمال ڪرڻ سان کنگهه فوري طور تي ختم ٿي ويندي. پر ان دوران توهان کي تريل، ٿڌين ۽ کٽين شين کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.

ان سان گڏ هيڊ به کنگهه ۽ ڳلو صاف ڪرڻ لاءِ وڏي ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي، اهو ٽوٽڪو سياري جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي استعمال ڪجي ته ڳلي جي مسئلن کان اڳواٽ به محفوظ رهي سگهجي ٿو. ان لاءِ روزاني رات جو هڪ گلاس هلڪي گرم کير ۾ اڌ چمچو هيڊ جو وجهي پيئڻ گهرجي ته خشڪ کنگهه سميت ۾ ڳلي جي سور ۽ سوڄ مان جند ڇُٽي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.