سنڌ حڪومت عوام کي وڏو تحفو ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت شهرين جي ڏکيائين کي ڏسندي ايئرپورٽ تائين بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

لاڳاپيل اختيارين بس سروس تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽرائل ٽيسٽ شروع ڪئي وئي آهي، اليڪٽرڪ بس ذريعي شهري ايئرپورٽ وڃي سگهندا.

اليڪٽرڪ بس جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽرائل لاءِ سول ايوي ايشن ۽ ٽرانسپورٽ کاتي سميت ٻين ادارن جون اختياريون جائزو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته بس سروس لاءِ مخصوص روڊ جي مرمت جو ڪم به جاري آهي.

ايئرپورٽ لاءِ سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ بس سروس ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته منصوبي ۾ برطانيا ۽ آمريڪا جيان سٽي ٽور جو آئڊيا به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.