ٿوم جا صحت لاءِ انوکا فائدا

هونئن ته قدرتي طور مختلف کاڌن ۾ انسان لاءِ ڪيترائي فائدا رکيل هوندا آهن پر انهن مان ڪجهه اهڙا کاڌا به هوندا آهن جيڪي ماڻهو لاءِ آبِ حيات وانگر ثابت ٿيندا آهن جن مان ٿوم به هِڪ آهي، پنهنجي صحت جو پاڻ دشمن انسان ڪيترن ئي ذريعن ذريعي پاڻ کي نقصان ڏيندو رهندو آهي پر ٿوم ۾ انهن سڀني جي صحت جا انوکا فائدا رکيل آهن.

ٿوم جو استعمال دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کاڌي وقت يا کاڌي کانپوءِ ٿيندو آهي ۽ ماهرن ان ۾ ڪيترين ئي بيمارين خاص ڪري دل جي بيمارين کان بچائڻ وارا فائدا ٻڌايا آهن.

ٿوم کائڻ سان جسم ۾ موجود صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيرياز جي انگ ۾ ڦيرڦار ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري صحت بهتر رهندي آهي، ان جو استعمال خطرناڪ بيڪٽيرياز کي ختم ڪري هاضمي جي نظام ۽ ٻين کي درست ڪندو آهي.

اهڙي ريت ٿوم جو استعمال موسمي اثرن کان به بچائيندو آهي، ان ۾ قدرتي اينٽي بايوٽڪ شيون هجڻ جي ڪري انسان جي پنهنجي غلطين سبب ڪا مايوس ڪندڙ علامت ظاهر ناهي ٿيندي.

پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفيٰ صه جتي ٿوم ۾ ڪيترن ئي بيمارين جو علاج ٻڌايو آهي اتي اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي وڇون کائي وڃي ته ان جاءِ تي ٿوم جو پاڻي هاري وِڇون جي زهر کان به بچي سگهجي ٿو.

ٿوم نه رڳو اڄڪلهه پر هزارين سالن کان وٺي رت صاف ڪرڻ لاءِ به بهترين نسخي طور استعمال ڪئي ويندي آهي، ان سان گڏ ٿوم جو استعمال سياري جي موسم نزلي، زڪام، کنگهه، آنڊن جي بيماري، چمڙي جي بيمارين، هاءِ بلڊ پريشر، فالج، ٻوڙائپ، ڪينسر، شگر، ڪوليسٽرول جي سطح برقرار رکڻ سميت مٿي مٿي جي سور مرگهي جهڙين ڪيترن ئي بيمارين کان به بچائيندو آهي.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿوم کائڻ سان جسم تي ٿيندڙ مختلف ڳوڙهن واري بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو.

ٿوم جا فائدا ايترا آهن جو جيڪڏهن ڪير سمجهي ته سون ملهه تي به ٿوم ضرور وٺڻ پسندو ڪندو

·       ڪَن ۾ تڪليف واري ماڻهن لاءِ سرنهن جي تيل ۾ ٿوري ٿوم ساڙي انهن جي ڪَن ۾ وجهجي ته انهن کي سڪون ملي ويندو.

·       ٿوم رت مان جراثيم ختم ڪري رت کي صاف ڪندي آهي.

·       بدهضمي ۾ مبتلا ماڻهو ٿوم جي چٽڻي ٺاهي کائن ته انهن جو معدو صحيح ٿي ويندو.

·       ٿوم کائڻ سان رڳون ويڪريون ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري بلڊ پريشر نارمل رهندو آهي.

·       نيراني هڪ ٿوم جون ٻه ڳڙيون کائڻ سان دل جي دوري ۽ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو

·       زڪام ۽ نزلي کان بچائڻ سميت ٿوم جو استعمال ٽي بي جي علاج طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

·       ٿوم جسم تي لڳل زخمن کي گهٽائيندي آهي ۽ جسماني ڪمزوريون ختم ڪندي آهي

·       ٿوم کائڻ سان هر قسم جي ڪينسر جا سيل پيدا ٿيڻ بند ٿي ويندا آهن

·       روز ٿوم کائيندڙ ماڻهن کي ڳلي جو انفيڪشن ناهي ٿيندو ۽ اها ڏندن جي صحت سميت جسم تي داڻن ۽ چمڙي جي بيمارين کان محفوظ بڻائيندي آهي

·       جيڪڏهن ٿوم جو استعمال سنڍ سان گڏائي ڪيو وڃي ته سهڪي جي بيماري ۾ به وڏي مدد ملي سگهي ٿي.

·       ٿوم کائڻ سان ڪراڙپ جا اثر گهٽبا آهن ۽ جسماني طاقت فراهم ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.