لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خيبر پختونخواهه جي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
عمران خان خيبر پختونخواهه جي قيادت جو اجلاس سڀاڻي زمان پارڪ لاهور ۾ طلب ڪيو آهي، وڏو وزير محمود خان، ڪابينا ميمبر ۽ ٻي قيادت سڀاڻي عمران خان سان ملندي.
اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ٽوڙڻ جي روڊ ميپ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري به هفتي تائين موڪلڻ جو امڪان آهي.