پنجاب اسيمبلي معاملي تي پي ڊي ايم جي ٽن وڏن ۾ رابطو، زرداري اهم تجويز ڏئي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ حڪومتي اتحاد جي ٽن وڏن ۾ اهم رابطو ٿيو آهي.

پرويز الاهي طرفان صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحن کانپوءِ ن ليگ قائد نواز شريف جو جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.

ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي ٽنهي وڏن ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي مشاورت ٿي، آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان روڪڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي تجويز ڏني.

ذريعن موجب نواز شريف ان معاملي تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس فوري طور گهرائڻ جي تجويز ڏني.

ان کان اڳ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو آهي، سمري گورنر کي موڪلي وئي آهي ۽ جيڪڏهن گورنر آئين موجب 48 ڪلاڪن کان اڳ اسيمبلي نه ٽوڙي ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ ئي ٽٽي ويندي.

هن چيو ته خيبر پختونخواهه اسيمبلي به ٽوڙينداسين، اسان عوام ڏانهن وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي، اسان کي پنهنجون حڪومتون ختم ڪري عوام وٽ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.