بحريا ٽائون ڪراچي جي ناري پنڪچر واري سان محبت جي شادي ڪري ڇڏي !

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي هڪ امير عورت کي ان شخص سان پيار ٿي ويو جنهن سندس ڪار کي پنڪر لڳايو.

يوٽيوب تي سيد باسط علي جوڙي جو انٽرويو ڪيو آهي.

عائشه جي ڪار پنڪچر ٿي وئي هئي ۽ هوءَ ان کي زين نالي هڪ شخص جي دڪان تي ڪاهي وئي ۽ پنڪر واري کي ڏسندي ئي کيس ساڻس محبت ٿي وئي.

بحريا ٽائون جي رهواسي عائشه جو چوڻ آهي ته زين کي پهريون ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ هوءَ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي ڪار کي پنڪچر ڪندي دڪان تي هلي ويندي هئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زين به عائشه کي پسند ڪرڻ لڳو ۽ نيٺ ٻنهي شادي ڪري ورتي،

زين چيو ته عائشه ڏاڍي پيار ڪندڙ عورت آهي، جنهن پيٽرول پمپ تي منهنجو پنڪچر جو دڪان هو، تنهن مون کي ان پيٽرول پمپ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.