عوام ڏانهن وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙينداسين: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ 48 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي ٽٽي ويندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ثابت ٿي ويو سياست ۾ هاڻ به اصول مٿي آهي، اسان جي ميمبرن تي دٻاءُ هو ۽ انهن ووٽ ڏنو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو آهي، سمري گورنر کي موڪلي وئي آهي ۽ جيڪڏهن گورنر آئين موجب 48 ڪلاڪن کان اڳ اسيمبلي نه ٽوڙي ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ ئي ٽٽي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ائين ئي خيبر پختونخواهه اسيمبلي به ٽوڙينداسين، اسان عوام ڏانهن وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي، اسان کي پنهنجون حڪومتون ختم ڪري عوام وٽ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي.

فواد چوڌري چيو ته اسان 48 ڪلاڪن ۾ حمزا شهباز کي عبوري حڪومت لاءِ خط لکي رهيا آهيون، آئين جي گهرج آهي ته اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪري عبوري حڪومت جوڙي وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن اندر پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن، پاڪستان جي اٽڪل 60 سيڪڙو سيٽن تي اهي چونڊون ٿينديون.

سندس موجب اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي پنهنجو ضد ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان اندر اليڪٽورل فريم ورڪ طئي ڪنداسين ۽ پاڪستان کي قومي چونڊ ڏانهن وڌڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.