ڇوڪرين جي ٽولي بي گهر شخص کي خنجر هڻي قتل ڪري ڇڏيو

 

اوٽارا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ هڪ بي گهر شخص کي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي گروهه خنجر هڻي ماري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ پيش آيو، جتي 59 ورهين جي ڪين لي نالي بي گهر شخص هڪ شيلٽر هوم ۾ رهندو هو ۽ واردات وقت شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ڀرسان شراب لاءِ وڃي رهيو هو، جتي ڇوڪرين جي گروهه مٿس حملو ڪيو.

ان گروهه ۾ 8 ڇوڪريون شامل هيون، جن جون عمرون 13 کان 16 سالن تائين ٻڌايون پيون وڃن.

پوليس موجب ڇوڪرين مبينا طور ڪين لي تي خنجر سان حملو ڪيو ۽ کيس سخت زخمي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويون.

ڪين لي کي اسپتال پهچايو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب ڇوڪرين امڪاني طور ڪين لي کي ان ڪري نشانو بڻايو، ڇو ته هن وقت ڪين لي وٽ شراب موجود هو.

پوليس سڀني ڇوڪرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گرفتار ڇوڪرين جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.