ڪراچي: اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ پوليس جو وڏو قدم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ 30 سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن، ڪورنگي جي سڀني رستن تي ڪئميرائون لڳايون وينديون.

ايس ايس پي ساجد سدوزئي چيو ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ پوليس اهلڪار مانيٽرنگ ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.