”عدالت کي نيب ترميمن جي معاملي ۾ آئيني حدون ڏسڻيون پونديون“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالت کي ان معاملي ۾ آئيني حدون ڏسڻيون پونديون.

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

وفاقي حڪومت جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته قانون جي حدن ۾ رهي عدالت کي معاملو ڏسڻو پوندو، شيڊيول 4 ۾ سڀ شيون واضح آهن، ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي شيون طئي نه ٿيون ڪري سگهجن، قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي، نيب ترميمن جو ڪيس گذريل سال جولاءِ ۾ شروع ٿيو، ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، ڪو ريڊ لائن ڪراس ڪري ته عدالت صحيح غلط جو فيصلو ڪري سگهي ٿي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه غير قانوني ٿي رهيو آهي ته اتي عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي، ان تي وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن نيب ترميمن ۾ ڪجهه غير قانوني آهي ته اهو درخواستگذار کي ثابت ڪرڻو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي نيب ترميمن جي معاملي ۾ آئين حدون ڏسڻيون پونديون.

ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.