مراد علي شاهه مهانگائي تي ضابطي لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جا وڌندڙ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ دڪانن، اسٽالن ۽ بازارن ۾ پرائس لسٽون لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته جاري ڪيل هدايتن جو مقصد دڪاندارن کي پريشان ڪرڻ نه پر اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي.

هن هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل ضلعي ۾ اگهن جي نگراني ڪن ۽ پرائس ڪنٽرول لاءِ خاص فورس قائم ڪئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز ڊپارٽمينٽ کي مڪمل طور فعال رکيو وڃي، طئي ٿيل ايس او پيز موجب شين جي اگهن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي.

ترجمان موجب وڏي وزير اڄ پاڻ به سبزين ۽ ميون جي فهرست جو جائزو ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.