نادرا پيرسن ماڻهن جي ٿنب نه لڳڻ واري مسئلي جو حل ڪڍي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) نادرا پيرسن شهرين لاءِ تصديق سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

چيئرمين نادرا جو چوڻ آهي ته نئين سروس جي سان بئنڪن ۾ بائيو ميٽرڪ تصديق جي وقت پيرسن شهرين کي پيش ايندڙ مسئلا حل ٿي ويندا، جن جي فوري تصديق ڪئي ويندي.

نادرا کي بزرگ شهرين طرفان اڻ ڳڻيون اهڙيون شڪايتون مليون هيون جن جي تصديق نه ٿيڻ سبب بئنڪ اڪائونٽ کولڻ يا رقم ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون هيون.

هاڻي سينيئر شهرين کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻو نه پوندو، سسٽم بائيو ميٽرڪ تصديق جي غير موجودگي ۾ AI استعمال ڪندو.

چيئرمين نادرا جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 46 بئنڪ ڪم ڪري رهيا آهن، 5 بئنڪن سروس شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 4 بئنڪن ۾ ٽيسٽنگ جاري آهي، 15 وڌيڪ بئنڪن کي ان سسٽم سان ڳنڍڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.