سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 81 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 943 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 55 هزار 264 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر  هڪ ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1877 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.