ناظم جوکيو ڪيس، ڄام اويس سميت ٽن جوابدارن جي ٺاهه جي درخواست منظور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس جي ٺاهه جي درخواست منظور ڪري ورتي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ملير ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت جوابدارن جي مقتول جي وارثن سان ٺاهه جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.

عدالت سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت ٽن جوابدارن جي ٺاهه جي درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ٻن جوابدارن جي ٺاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت چيو ته ٻن جوابدارن تي اغوا جو الزام آهي، تنهن ڪري انهن جي ٺاهه جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڄام اويس، معراج جوکيو ۽ احمد خان جي ٺاهه جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن دودو خان ۽ سومار کي قتل جي الزام مان آجو ڪيو پيو وڃي پر ٻنهي تي اغوا جو ڪيس هلندو.

ڪيس جي هڪ جوابدار سليم سالار ٺاهه جي بنياد تي ڪيس مان آجو ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته منهنجو ان ڪيس ۾ ڪو ڪردار ناهي، ٺاهه جي بنياد تي آجو نٿو ٿي سگهان.

واضح رهي ته ناظم جوکئي کي نومبر 2021 ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، ايم اين اي ڄام ڪريم خلاف پوليس اڻ پورين شاهدين جي بنياد تي ڪيس ختم ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.