ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي صدر پاڪستان جي ٻه ارب ڊالر قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر واڌو قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان ابو ظهبي ۾ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي صدر ٻه ارب ڊالرن جي قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر واڌو قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
وزیراعظم کی متحدہ عرب امارات کے صدر سے ملاقات متحدہ عرب امارات کے صدر کا 2 بلین امریکی ڈالرز کے موجودہ قرض کو رول اوور کرنے اور 1 بلین امریکی ڈالر اضافی قرض فراہم کرنے پر اتفاق pic.twitter.com/0NYejue0xl
— Marriyum Aurangzeb (@Marriyum_A) January 12, 2023
شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم شهباز شريف جي ابو ظهبي ۾ آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو.
اماراتي صدر ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ به پاڪستاني برادري جي خدمتن جي تعريف ڪئي.