ميرپورخاص ۾ اٽو 95 رپيا ڪلو وڪرو ڪرڻ جي اعلان کي واپارين ۽ فلور مالڪن ٿڏي ڇڏيو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌ حڪومت پاران اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ اٽي جو اگھ 95 رپيا مقرر ڪري فلور مل مالڪن ۽ واپارين اٽي جي فراهمي يقيني بنائڻ واري هدايتن تي فلورمل مالڪن واپارين ۽ دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت جي واضع هدايتن جي باوجود ميرپورخاص ضلع ۾ اٽو 160 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ميرپورخاص ۾ حڪومت جي هدايتن تي سرڪاري اگھ 65 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ واري اسٽال تان اٽي جي خريداري دوران پورهيت جي لتاڙجي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد ضلع جي انتظاميا پاران سرڪاري اگھ 65 رپيا ڪلو تي عوام کي اٽي جي فراهمي ضلع جي مختلف علائقن ۾ اسٽال لڳائي ۽ ٽرڪن ذريعي وڪرو ڪرڻ جي بدران پوري ضلع ۾ فئيرپرائيس شاپ قائم ڪري اٽو وڪرو ڪرڻ وارين هدايتن بعد انتظاميا پاران ميرپورخاص ضلع جي  7 تعلقن ۾ 75 فيئر پرائس شاپ قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ باوجود خوراڪ کاتو 4 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اٽو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين جي هدايتن تي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪارن اٽي جي چڪين ۽ دڪانن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ اگھ وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي نالي ماتر ڏنڊ وصول ڪيا پر ان باوجود بااثر اٽي جي مافيا پاران اٽو پنهنجن من پسند اگھن تي وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻي طرف ڊپٽي ڪمشنر پاران ڳجھي اطلاع تي بااثر شخص جي بند پيل فلور مل تي ڇاپو هڻي 8 سئو ڪڻڪ جا ڪٽ ضبط ڪري ان ڪڻڪ جو اٽو عوام کي سرڪاري اگھ 65 رپيا ڪلو فراهم ڪرڻ وارين هدايتن تي خوراڪ کاتي جي ڪامورن ضبط ڪيل ڪڻڪ مان پيسايل اٽي جو مقدار ميرپورخاص شهر ۾ اٽي لاءِ ڌڪا کائيندڙ عوام کي ڏيڻ جي بدران ٻي تعلقي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي نئين مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرول ميرعلي محمد ٽالپر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران فيئرپرائيس شاپن تي اٽي جي فراهمي لاءِ فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي الوڪيشن جاري نه ڪئي آهي جنهن جي ڪري فئيرپرائيسن تي اٽي جي فراهمي شروع نه ٿي سگھي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.