ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 8 سالن کان گم ٿيل شهري جي بازيابي جي درخواست تي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سعيد رند مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦليوٽو رمارڪس ڏيندي چيو 2014ع کان پوليس ڇا ڪري رهي آهي.شهري پاڻ گم ٿيو آهي ته به ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي. جاچ افيسر اسٽريو ٽائپ جي رپورٽ پيش ڪئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن کي طلب ڪندي جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف جواجلاس جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.