راضي ديرو:ڪمند جي واپاري کان 20 لک ڦر، مزاحمت تي زخمي

راضي ديرو (رپورٽ: خالد حسين کهڙو ) راضي ديرو ضلعي خيرپور ۾ بدامني ڏينهن ڏينهن چوٽ چڙهي وئي ڏينهن ڏٺي جو ريڊر لاشاري خيرپور ۽ لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تان  نامعلوم جوابدار هٿيارن جي زور تي ڪمند جي واپاري فقير محمد عرف باشن کهڙو 20  لک ڪيش ڦر ڪري فرار ٿئي ويا ، جڏهن ته واپاري باشن کهڙو جي ڀاءُ محمد زمان کهڙو سان رابطي ٿيڻ تي ٻڌايو ويو ته اسان جو ڀاءُ خيرپور شگر مل تان پئسا وٺي اچي رهيو هو ته موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 20 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمي کي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي ايس ايس پي خيرپور کي گهرجي ته بنادير نوٽيس وٺي ڪري بدامني تي ڪنٽرول ڪرائي واپاري باشن کهڙو کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.