عيني بلوچ جي قاتل مڙس عمر ميمڻ کي موت جي سزا

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قرت العين عرف عيني بلوچ جو خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر ميمڻ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت  قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مقتول ناريءَ جي مڙس عمر ميمڻ کي موت جي سزا  ٻڌائيندي مٿس 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ مقرر ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته 15 جولاءِ 2021ع  تي حيدرآباد جي علائقي بئراج ڪالوني ۾ جوابدار عمر ميمڻ پنهنجي زال قرت العين عرف عيني بلوچ کي تشدد ڪري قتل ڪيو هو.لاڳيتو ڪيس جون ٻڌڻيون جاري رهڻ ۽ 7 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعدعدالت قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

  • وومنز ايڪشن فورم پاران فيصلي جي آجيان

حيدرآباد(رپورٽر) وومينز ايڪشن فورم حيدرآباد ۾ مڙس پاران قتل ڪيل عيني بلوچ جي قاتل کي ڪرمنل ٽرائيل عدالت پاران موت جي سزا واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وومنز ايڪشن فورم عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ خاص طور تي عيني بلوچ جي ڪيس ۾ سول سوسائٽي سوسائٽي پاران مانيٽرنگ ۽ احتجاج واري جاکوڙ کي پڻ سلام پيش ڪري ٿي، پر ان سان گڏ عيني بليدي جي وارثن کي به مستقل مزاجي سان ڪيس جي قانوني طور تي پوئيواري ڪرڻ ۽ وارثي ڪرڻ واري جدوجھد تي خراج پيش ڪري ٿي. ومينز ايڪشن فورم مطالبو ڪري ٿو ته وزيران ڇڇڙ سميت ٻين ڪيترن ئي بيدردي سان قتل ڪيل عورتن جي قتل ڪيسن جي قانون ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪري ڏوھارين جي سزا کي منطقي انجام تائين پھچائڻ ۾ عدالتون اڳڀريون ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.