وسيلا وفاق حوالي ڪرڻ ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ جو مارچ، ريليون

ٽنڊو آدم/شهدادپور/مقصودو رند/چودڳي (نمائندا)  سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪري سنڌين جون زمينون، سامونڊي پٽي،  تيل، ڪوئلو، گئس ۽ اختيار وفاق حوالي ڪرڻ، خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نون صوبن لاءِ ڪميٽي، بدنيتي تي مبني ڊجيٽل آدمشماري ڪري ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ، اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر خان مندو خيل طرفان ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمي بل آڻڻ ۽ سنڌ ۾ ڪشميرن لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ خلاف. افغانين، بنگالين، بهارين، برمين سميت ٻين لکين ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل جدوجهد جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ضلعي سانگهڙ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وصل مارچ جي شروعات  ٽنڊو آدم شهر کان ڪئي ويئي، شهدادپور،  مقصودو رند، چودڳي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پهتو جتي احتجاجي ريليون ڪڍي جلساڪيا ويا. وصل مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، شمشاد لغاري، پريمي ڀيل، اڳواڻ علي نواز ڏاهري، راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، غلام علي زئور، ڦوٽو لغاري، هوش محمد خاصخيلي، عقيل ماڪوڙاڻي ۽ ٻين ڪئي. اٽو مهانگو، ڇو ڀلا؟. حڪمرانو جواب ڏيو، غريب عوام سان ظلم جو حساب ڏيو. سنڌ جي زمينن جي نيلامي، بند ڪريو. بحريا ٽائون، نامنظور. ڊي ايڇ اي،نامنظور. ذوالفقار آباد نامنطور. سنڌ جي وسيلن جي نيلامي، بند ڪريو. ڌارين کي، ملڪ نيڪالي ڏيو. نون صوبن واري ڪميٽي، نامنظور نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. اڳواڻن چيو ته  هڪ سازش تحت سنڌ ۾ هڪ نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي. بدنيتي تي مبني وقت کان اڳ واري ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري آدمشماري آهي. آدمشماري مان شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ جو مقصد سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخي وطن ۽ ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي مجرمانه سازش آھي، بوگس ۽ بدديانتي تي ٻڌل آدم شماري کي سنڌي عوام رد ڪري ٿو،گھر ڳڻپ ۽ آدمشماري کان اڳ لکين افغانين، بھارين، برمين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ کانسواءِ آدمشماري سراسر بدنيتي آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هرگز قبول نه ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.