ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن،پهريون ڀيرو ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو آهي،شماريات کاتي پاران آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ استادن جي تربيت شروع ڪئي وئي،ميڊيا وفاقي شماريات کاتي جو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ وارو تربيتي هدايت نامو هٿ ڪري ورتو،تربيتي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت موجود هر شخص کي ڳڻيو ويندوتربيت حاصل ڪندڙ استادن کي ڪنهن کان به قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه گهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي