ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ شرط جو خاتمو سنڌين خلاف سازش آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرستن ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻن خدشا ختم ڪرڻ بنا وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ کي رد ڪندي چيو آھي تھ بدنيتي جي بنياد تي ٿيندڙ آدمشماري سنڌ خلاف سازش آھي، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ کان اڳ سنڌ ۾ موجود لکين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪري ڌارين کي ھتان جو شھري قرار ڏئي انھن کي مستقل بنيادن تي قانوني تحفظ ڏيڻ جي سازش ٿي رھي آھي، دھشتگردي ۽ بدامني جي علامت بڻيل ڌارين جي ڳڻپ ڪرڻي آھي تھ انھن کي ڪيمپن ۾ رھائي الڳ ڳڻپ ڪري ھتان نيڪالي ڏني وڃي، ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان عوامي آواز پاران ڪيل سروي ۾ ڳالھائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھھ سيد جلال محمود شاھھ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ واري فيصلي کي بدنيتي قرار ڏيندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سيد جلال محمود شاھھ چيو تھ آدمشماري وقت کان اڳ ڪرائڻ بدنيتي آھي، حڪمران پي ڊي ايم، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل معاھدي تحت ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ جي لاءِ غير آئيني ڪم ڪرڻ طرف وڃن پيا، ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي ماڻھن کي خبردار رھڻ گھرجي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ موجود لکين ڌارين کي ھتي جو شھري قرار ڏئي آدمشماري جو انگ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، جڏھن تھ اسان جو اھو موقف رھيو آھي تھ آدمشماري ۾ سنڌ جي ماڻھن جي ڳڻپ درست ٿيندي ئي ناھي، جيڪڏھن درست آدمشماري ٿئي ٿي تھ انگ تمام گھڻو وڌي ويندو، پر پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڌارين کي ھتان جو شھري بڻائي ڳڻائڻ جي سازش ڪري رھي آھي، اسان جو مطالبو رھيو آھي تھ ڌارين جي الڳ ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ ڌارين کي بنا دير سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، لکين ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار بڻيل آھن، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اھي ڌاريا دھشتگردي جي علامت بڻجي چڪا آھن، جن کي ڪنھن بھ صورت ۾ ھتي قانوني تحفظ نٿو ڏئي سگھجي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ لکين ڌاريا سنڌ جو شھري قرار ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آھي، اسان جو موقف ۽ مطالبو آھي تھ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ موجود غير قانوني ڌارين افغانين، برمين، بھارين، بنگالين ۽ ٻين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڳڻپ جو خانو الڳ سان رکيو وڃي. ھن سنڌ جي ماڻھن کي اپيل ڪئي تھ جيڪڏھن حڪمران ڊجيٽل آدمشماري ڪرائين تھ سنڌ ۾ رھندڙ سمورا ماڻھو ٻوليءَ جي خاني ۾ پنھنجي ٻولي سنڌي لکرائين، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ڪنهن به صورت ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش کي قبول نه ڪيو ويندو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو تھ ھي دور سنڌ جي تاريخ جو انتھائي ڏکيو دور آھي، سنڌ مٿان ڌارين جي لوڌ سان گڏ انھن ڌارين کي قانوني تحفظ ڏيڻ جا ڪيترائي طور طريقا استعمال ڪيا ويا، پر ھاڻ رياست ڌارين کي ھتي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ آخري حد تائين وڃي رھي آھي. ھن چيو تھ بدحالي عروج تي آھي، رياست معاشي ۽ سياسي بحران جي ورچڙھيل آھي، اھا رياست پنھنجن ماڻھن جي بھتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن فيصلا پئي ڪري، ملڪ جا واڳ ڌڻي اھو چون ٿا تھ اسان ڪو بھ غير آئيني ڪم نھ ڪنداسين تھ پوءِ ڇو وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪري غير آئيني ڪم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ حڪمران ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جا واعدا ڪري وري ڦري وڃن ٿا، ھاڻ تھ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪري ھتي جو شھري ڪري ڳڻيو ويندو، اھا ڳالھھ رڪارڊ تي موجود آھي تھ ايف آءِ اي جا عملدار اھو تسليم ڪري چڪا آھن تھ سنڌ ۾ 40 لک غير ملڪين کي غير قانوني طور تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا آھن. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت بھ چوي ٿي تھ ڌاريا بار آھن، پر انھن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بجاءِ انھن کي ھتان جو شھري بنائڻ جي ڪوششن ۾ آھي، ڪراچي ۾ افغاني افغانستان جا جھنڊا کڻي گھمن ٿا انھن کي تھ ڪير نٿو روڪي پر اسان پنھنجي آئيني ۽ جمھوري حق موجب جيئي سنڌ جو ڳاڙھو جھنڊو کڻون ٿا تھ توھان کي ڪاوڙ ٿي لڳي. ھن چيو تھ تاريخ شاھد آھي تھ ملڪ ۾ ڪڏھن بھ انصاف تي ٻڌل آدمشماري ٿي ئي ناھي، سنڌين سان بار بار ڌانڌلي ٿيندي رھي آھي، ڊجيٽل آدمشماري کي اسان رد ڪيون ٿا، اھو مرحلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي، پناھگيرن کي ڪيمپن ۾ ترسائي ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ پوءِ انھن کي ھتان نيڪالي ڏني وڃي، اھو ڪٿان جو قانون آھي تھ ساڳي ٻولي ڳالھائيندڙن کي ڪي پي ڪي ۾ پناھگير ۽ سنڌ ۾ انھن کي ھتان جو شھري قرار ڏنو وڃي، پنجاب ۾ تھ نادرا ڪنھن ھڪ غير ملڪي ۽ ٻي صوبي جي ماڻھو کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناھي ۽ وري سنڌ ۾ لکين ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا وڃن ٿا. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو چيو تھ آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سان سنڌين کي نقصان ٿيندو، ڇو تھ ڌاريا ھتي شھرن ۾ قبضا ڪري ويٺا آھن ۽ سنڌ جي ڏورانھن علائقن جي ماڻھن جي آدمشماري ۾ ڳڻپ ئي ناھي ٿيندي. ھن چيو تھ آدمشماري 10 سالن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ٿيڻ وارو معاملو بھ خدشا پيدا ڪري رھيو آھي تھ آخر اھڙي ڪھڙي ضرورت ھن وقت محسوس ڪئي پئي وڃي جنھن جي ڪري وقت کان اڳ آدمشماري پئي ٿئي. ھن چيو تھ افغانين سميت ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻھو ھتي ڏوھن ۽ دھشتگردي جي علامت بڻيل آھن، خود ھتان جي نااھل پوليس اھو تسليم ڪري چڪي آھي تھ ڏوھن ۽ دھشتگردي ۾ غير مقامي ماڻھو ملوث آھن، پر اسان جا حڪمران انھن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بجاءِ انھن جا سھولتڪار بڻجي ڪم ڪندا رھن ٿا، ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ کان ويندي نوڪرين، ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ اليڪشن ۾ بيھڻ جو حق بھ مليو وڃي، اھو ڊرامو رڳو سنڌ ۾ ٿي رھيو آھي، باقي ٻين صوبن يا ملڪن ۾ ڌرتي ڌڻين سان اھڙو ظلم نٿو ٿئي. ھن چيو تھ سوشل ميڊيا تي ڪي ماڻھو چون پيا تھ ڊجيٽل آدمشماري پئي ٿئي ۽ ڌارين کي ڳڻيو ويندو، قومپرست ڪٿي آھن، اھو رويو درست ناھي، رڳو قومپرستن کي ڏوراپا ڏيڻ بجاءِ ھر سنڌي مرد ۽ عورت کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سڀئي سنڌي ميدان تي اچن، سنڌين سان ھتي فلسطينين جھڙو حشر ڪيو پيو وڃي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو تھ ملڪ ۾ آدمشماري جي سلسلي ۾ سنڌ سدائين پنھنجا خدشا رکندي رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ رھندڙ ٻاھران ماڻھو جيڪي پاڻ کي سنڌي بھ نٿا سمجھن اھي پنھنجي آبادي وڌائڻ جي لاءِ مٽ مائٽ ٻاھران گھرائي ھتي پنھنجو داٻو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، انھن ماڻھن ۾ ملڪ جي صوبن جي ماڻھن سميت افغانستان ۽ ٻين ملڪن جا ماڻھو شامل آھن. ھن چيو تھ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سان دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ مان ايندڙ ماڻھو کي سنڌ ۾ اچي زمينن تي قبضن، ووٽ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق ملي ويندو، جنھن سان اھي ڌاريا حڪمران بڻجي ويندا ۽ سنڌي حق حڪمراني کان محروم ٿي ويندا. ھن چيو تھ درست آدمشماري جيڪڏھن ڪرائڻي آھي تھ پوءِ سنڌ ۾ موجود ڌارين جي ڳڻپ الڳ ڪئي وڃي جيڪي پاڻ کي سنڌي نٿا سمجھن ۽ سنڌين کي ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي ضرور لکرائڻ گھرجي ڇو تھ ھي سنڌين جي وجود جو مسئلو آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي آبادي تمام گھڻي وڌي آھي، سنڌ جي ماڻھن کي آدمشماري ۾ پاڻ کي ڀرپور نموني ڳڻائڻو پوندو تھ جيئن سنڌ وفاق سان مالياتي ايوارڊ سميت ٻين حقن جي حاصلات جي لاءِ ڀرپور ڪيس رکي سگھي ۽ سنڌ کي پنھنجو اصل حق ملي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ سنڌ جي ماڻھن جا خدشا تمام گھڻا آھن ۽ اھي درست بھ آھن، ان ڪري سنڌ جو ماڻھو تمام گھڻو حساس آھي تھ ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ڪٿي سنڌ سان ڪو دوکو نھ ڪيو وڃي. ھن چيو تھ آدمشماري تي سمورين سياسي ڌرين جا اعتراض رھيا آھن، ملڪ جو صدر رھندڙ آصف علي زرداري پاڻ تقريبن ۾ اھي ڳالھيون ڪندي ٻڌو ويو آھي تھ ملڪ جي آبادي 30 ڪروڙ آھي، پر اھا ڪيتري ڏيکاري وڃي ٿي اھا سڀني جي سامھون آھي، ان جو مطلب اھو ئي ٿيو تھ رجسٽريشن جو مسئلو موجود آھي، درست آدمشماري نٿي ٿئي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري وارو مسئلو تمام وڏو مسئلو آھي، ان تي حڪمرانن جو ڪو واضح موقف سامھون ناھي آيو تھ اھي ڪيئن ھن آدمشماري ۾ ڳڻيا ويندا، آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي ماڻھن جا خدشا جائز آھن، اسان جا حڪمران عام طور تي تھ ڪوڙ ڳالھائيندا آھن، پر ھن معاملي تي عوام کي آگاھھ ڪن تھ ڪھڙي قسم جي آدمشماري ڪرائڻ وڃن پيا. پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاھھ چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري وارو فيصلو عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ٿيو ھو ۽ ھي حڪومت وقت کان اڳ عمران خان جي فيصلي جي پويان ھلندي آدمشماري ڪرائڻ وڃي پئي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ جيڪو جتي ھوندو اتي ئي ڳڻيو ويندو، ان ڪري سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ٻين صوبن سميت غير قانوني طور تي آيل افغانين، بيھارين ۽ بنگالين کي بھ ڳڻيو ويندو، ھن آدمشماري واري فيصلي سان گڏ ان ڳالھھ کي بھ ڏسجي تھ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي قادر مندو خيل سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترميمن جي لاءِ ھڪ بل پيش ڪيو آھي تھ 6 مھينن اندر ٻاھرين ماڻھن کي ھتي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھي ملي سگھي ٿو، جنھن سان سنڌ کي ڪيترائي خدشا پيدا ٿيا آھن، ھن سڄي صورتحال کي سنڌ خلاف سازش سمجھون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.