آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ شرط ختم ڪرڻ سازش آهي: ثمر جتوئي

مقصودو رند(ن ع آ) سنڌ کي ڪنھن به صورت ورھائڻ نه ڏينداسين نون صوبن بابت ٺاھيل ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا ۽ نئين آدمشماري ۾ بنا  شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ وارو عمل سنڌ کي اقليتن ۾ تبديل جي سازش آهي سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي سنڌ کي ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جدوجھد ڪنداسين اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي نيشنل پريس ڪلب مقصودي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ ڪونه ڪو اشو ڇڏي ٿي سنڌ سرڪار اقتدار خاطر ھڪڙي پاسي سنڌ جون زمينون، وسيلا وفاق کي وڪڻي ڇڏيون آهن هن چيو ته ڪنهن هڪ مخصوص ٽولي کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ ۽ آدمشماري ۾ غير آئيني نقطا رکي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي ڪامياب ڪرڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙي آدمشماري قبول نه ڪنداسين جنهن ۾ سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.