اٽو ناهي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي ملڪ جا وڏا مسئلا آهن: سراج الحق

لاهور (پ ر)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اٽي جي لاءِ ماڻھن جون قطارون لڳل آهن ميرپورخاص ۾ ٿيلهو وٺڻ لاءِ هڪ  پاڪستاني کي شهيد ٿي ويو هڪ ٻئي غريب ٻارڙن سميت خودڪشي ڪري ڇڏي پر عوام جي نمائندن جي مفادن لاءِ ويڙهه جاري آهي. ان چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن جا مفاد ايوانن ۾ حل نه ٿين ته اهي عدالتن تائين پهچن ٿا عدليه به صورتحال کي خوش آئند بڻائي ٿي. بدانتظامي ۽ ڪرپشن ملڪ جا وڏا مسئلا آهن، پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪهاڻين کان سڄي دنيا واقف آهي، جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي اعلان سان گڏ سڀ کان وڌيڪ زور شفافيت تي ڏنو ويو، حڪمرانن کي شرم ناهي. هن  چيو ته جماعت اسلامي مهانگائي خلاف احتجاجي تحريڪ کي آخري مرحلي تائين پهچائيندي هن  چيو ته ايم ڪيو ايم شڪست جي خوف سبب متحد ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته ايم ڪيو ايم گڏ رهي يا ڌار ٿي شڪست ان جو مقدر آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.