پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو بائيڪاٽ، پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب

لاهور ( م ڊ) پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اسپيڪر موجب چوڌري پرويز 186 ووٽ حاصل ڪيا. مخالف ڌر ڪارروائي کي آئين ۽ قانون جي ابتڙ قرار ڏيندي اجلاس جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ راتو رات پرويز الاهي جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ڪارروائي شروع ڪرائي.  پنجاب اسيمبلي اجلاس شام کان ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو. حڪمران اتحاد پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق 186 ميمبرن جي دعويٰ ڪندا رهيا، مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اتحادي پنهنجي اڪثريت جي دعويٰ ڪندا رهيا. اجلاس  ڪيترائي ڀيرا ملتوي ٿيندو رهيو. ماني جي وقفي کان پوءِ چوڌري پرويز الاهي به پهتو. پرويز الاهي جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعتماد جي ووٽ وٺڻ جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي. مخالف ڌر ميمبرن چوڌري پرويز الاهي خلاف نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد چيو ته اسان وڏي وزير تي اعتماد جو اظهار ڪيون ٿا. سينئر صوبائي وزير اسلم اقبال چوڌري پرويز الاهي تي اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي. اعتماد جي ووٽ واري ڪارروائي شروع ڪرڻ وقت مخالف ڌر گوڙ شروع ڪيو. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ هاٿا پائي به ٿي. مخالف ڌر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. انهن ڊاڪو ڊاڪو جو نعرو هنيو.   حڪومتي ڌر 186 ووٽ وٺڻ جي دعوي ڪئي. ان سلسلي ۾ ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته هي غير قانوني نموني اعتماد جو ووٽ ورتو پيو وڃي، اهو ئي طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو قومي اسيمبلي ۾ قاسم سوري ڪيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت وٽ 80 ميمبر مس هئا، ڳڻپ ۾ اسان جو پولنگ ايجنٽ لابي ۾ هجڻ گهرجي ها، جيڪو نه هو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته وٽن 187 ميمبر موجود آهن، پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺندو. پنجاب اسيبملي جي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم به دعويٰ ڪئي ته 187 ميمبر موجود آهن. فواد چوڌري چيو ته پرويز الاهي جي عمران خان سان ملاقات ٿي، اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي صلاح موڪلي ويندي. هوڏانهن گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت واپس وٺي ئي اسلام آباد ويندس. هن به دعويٰ ڪئي ته پرويز الاهي وٽ نمبر پورا ناهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.