پرويز الاهي کي هٽائڻ بابت منع نامي ۾ اڄ تائين واڌ

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي وڏ وزارت تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ کيس هٽائڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف منع نامي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گورنر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت 17 ڏينهن جو وقت ڏنو هو پر وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو. بئنچ جي سربراهه جسٽس عابد عزيز شيخ چيو آخر ۾ ته وڏي وزير جو فيصلو ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي، عدالت اعتماد جي ووٽ لاءِ مناسب وقت ڏئي سگهي ٿي. پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته هو ان قانوني نڪتي تي دليل ڏيندو.اٽارني جنرل چيو پرويز الاهي مناسب وقت جو نڪتو اٿاريو پر هاڻ معاملو مناسب وقت کان ٻاهر اچي چڪو آهي، اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان وڏي وزير کي ڪنهن نه روڪيو هو.جسٽس عابد عزيز شيخ چيو جيڪڏهن اتفاق راءِ ناهي ته عدالت ان جو ميرٽ تي فيصلو ڪندي. 03

  • پنجاب حڪومت واپس وٺي ئي اسلام آباد ويندس: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت واپس وٺي ئي اسلام آباد ويندس. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وڏي وزير کي 20 کان 22 ڏينهن مليا هئا، معزز عدالت پرويز الاهي کي رليف ڏنو، جيڪو پنجاب جي عوام کي ڳچي ۾ پيو، هن روز اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، سندس سڄو ڌيان ماسٽر پلان جي منظوري تي رهيو، اسان جي عدالت کي اپيل آهي ته ڪيس جو جلد فيصلو ڏئي ته جيئن اقليتي حڪومت عوام تي مڙهيل نه رهي. هن چيو ته عمران خان ملڪي سياست ۾ هڪ ناسور آهي، جنهن ماڻهن کي بدتميزي سيکاري، منهنجي گاڏي کي جوتو هنيو ويو ۽ جوتو هڻندڙ کي اسان جي ڪارڪنن ڏاڍو ماريو، جنهن جو مون کي افسوس آهي پر اهو ته ويچارو مظلوم ۽ بي وس انسان جي هٿان گمراهه ٿيو هو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان فتني جو خاتمو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي وٽ اڪثريت ناهي، هو ڪنهن به صورت ۾ اعتماد جو ووٽ نٿو وٺي سگهي، اسان وٽ 179 ميمبر آهن  .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.