جنيوا ڪانفرنس جي 10 ارب ڊالرن مان 9 ارب قرض، ذخيرا تحويل ۾ نه پيا وٺون: اسحاق ڊار

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته جنيوا ۾ ٿيل ڊونرز ڪانفرنس ۾ اعلانيل 10 ارب ڊالرن مان 9 ارب قرض آهن. وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ قرض جي رقم 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، سعودي عرب جا هڪ ارب ڊالر شامل ڪجن ته 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويندا. هن چيو ته  ٻوڏ متاثرن جي ٽن ورهين اندر بحالي ڪرڻي آهي. صحافين پاران سوال ڪيو ويو ته ڪيتري امداد ۽ ڪيترو قرض آهي ته وزيراعظم جواب ڏنو ته هن رقم مان ڪيترو قرض ۽ ڪيتري امداد ۾ پوڻ بدران ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي ڌيان آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف شرطن جو عوام تي اثر نه پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي قدم کنيا ويندا پر ان جو بار عوام تي نه پوندو، مالي بجيٽ ٽارگيٽ تبديل نه پيا ڪيون. اسحاق ڊار چيو ته ڪسان پئڪيج، ايڪسپورٽرن کي ڏنل سهولتون ۽ نان بجيٽ سبسڊيون ختم ڪري سگهجن ٿيون، انهن جي نشاندهي ڪئي آهي.  خانگي بئنڪن جي مٽا سٽا جي ذخيرن بابت بيان تي اسحاق ڊار چيو ته خانگي بئنڪن جا مٽا سٽا جا ذخيرا تحويل ۾ نه پيا وٺون، مون اصولي طور چيو ته ڪمرشل بئنڪن ۾ موجود ذخيرا قومي ملڪيت آهن، ان کي غلط رخ ڏنو ويو.  هن چيو ته الله اپوزيشن وارن کي سمجهه ڏئي هي هر وقت ڏيوالي کي پڪڙيون ويٺا آهن. هن چيو ته معيشت تباهه ڪئي اهي هن بيان کي غلط نموني پيش پيا ڪن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.