ملڪي معيشت خلاف ڳالهيون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ملي ويو :بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي معيشت جي خلاف ڳالهيون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ملي ويو آهي،  پاڪستان جنيوا ڪانفرنس جي لاءِ 8 ارب ڊالر جو هدف رکيو هو، جنهن کي نه رڳو پورو ڪيو پر 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو هدف حاصل ڪيو، سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سرديءَ جي ڪري متاثرين کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، انهن کي گرم ڪپڙن، ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن هتي وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.