يوريا جي في ٻوري جي ڊيلر ٽرانسفر قيمت 2350 رپيا مقرر

اسلام آباد(م ڊ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ٻاهران گهرايل يوريا جي 50 ڪلوگرام واري ٻوري جي ڊيلر ٽرانسفر  قيمت 2350 رپيا في ٻوري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ڪالهه ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ خاص مددگارن سميت سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان 3 آر ايل اين جي پاور پلانٽن مان بجلي خريد ڪرڻ ۽ گئس جي فراهمي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 33 سيڪڙو ادائيگي جي معاهدن بابت سمري جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 80.98 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.