سکر ۾ هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر جي ٽڪر محلي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان ارسلان يوسف زئي کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس  موجب هٿياربند گهر ٻاهران بيٺل نوجوان ارسلان يوسف زئي کي فائرنگ جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا.ٻئي پاسي پوليس نوجوان جي موبائل فون ۽ ٻين شاهدين جي آڌار تي قتل ۾ مبينا ملوث نوجوان صدام ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب صدام ابڙو مقتول ارسلان جو پاڙيسري آهي جنهن جي ارسلان سان منهن ماري ٿي هئي، جنهن تي جوابدار حملو ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو، جنهن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.