ملڪ ۾ اٽي جو بحران ڇو آهي؟ان سوال جو جواب صوبن کان پڇيو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان گڏجي دنيا آڏو ٻوڏ متاثرن ۽ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، عالمي برادري به اسان تي ڀرپور اعتماد ڪيو، قوم جي دعائن ۽ اسان جي اخلاص جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو، هاڻي اسان کي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي سان ڪم ڪندي عوام جي آڏو سرخرو ٿيڻو آهي، دوست ملڪن ۽ عالمي برادري کان ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پئسو شفافيت سان خرچ ڪيو ويندو ۽ پنهنجي زراعت، صنعت ۽ انفراسٽرڪچر کي بحال ڪنداسين، سياسي مخالفن کي حڪومتي قدم هضم نه ٿي رهيا آهن، انهن قوم ۾ ورڇ جو زهر گهوليو، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ نه آهي، ملن کي ڪڻڪ جي فراهمي صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت صحيح طريقي سان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ نه آندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٻڌايو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ دوست ملڪن ۽ عالمي برادري مجموعي طور تي 9.7 ارب ڊالر جا واعدا ڪيا آهن، بدقسمتي سان اسان سياسي مخالفن بدترين پروپئگنڊ ڪئي پر عالمي برادري ان تي ڪن نه ڌريو هن چيو ته  ملڪ ۾ هن وقت الله جي فضل سان ضرورت موجب ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن ڇو ته اسان اڳوڻي حڪومت وانگر ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي نه ويٺا آهيون، اڳوڻي دور ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو، وزيراعظم چيو ته اٽو صوبائي معاملو آهي، صوبن وٽ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، فلو ر ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته ان جي دور ۾ پنجاب ۾ اٽي جي قيمت ۾ هڪ رپئي جو اضافو نه ٿيو هو، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ به اسان وفاق جي سطح تي وڌيڪ قدم کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.