نوابشاهه ۾فراهم ڪيل سستو اٽو بدبودار نڪتو، ٿيلهن تي رمضان پئڪيج لکيل

نواب شاهه/ ڄام صاحب (نمائندن وٽان) نواب شاهه ضلعي ۾ مهانگائي عروج تي پهتل آهي، نواب شاهه، دوڙ، قاضي احمد ۽ ڄام صاحب سميت ضلعي ۾ اٽي جو اگهه في ڪلو 150 رپيا ٿيڻ کان پوءِ غريب ماڻهن جي گهر  جو چلهو ٻرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، اهڙي عمل خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان ضلعي جي مختلف شهرن ۾ عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي.ضلعي انتظاميا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا غير معياري اٽي جا ڪٽا شهرين ۾سستي اگهه تي فوٽو سيشن ڪرائڻ لاءِ پهچايا، جتي ڪيترين ئي مسڪين عورتن جي تذليل ڪئي وئي.نواب شاهه شهر ۾ خوراڪ کاتي، فلور ملز مافيا ۽ روينيو کاتي جي ڳٺ جوڙ سبب سستي اٽي جي ورڇ مسڪينن لاءِ تذليل بڻجي وئي آهي، اڃا تائين شهر اندر هڪ به اٽي جو اسٽال قائم نه ڪيو ويو آهي ۽ انتظاميا پاران جيڪو سستو اٽو مسڪينن ۾ سستي اگهه تي ڏنو پيو وڃي، ان بابت انڪشاف ٿيو آهي ته اٽي جي انهن ٿيلهن تي رمضان پيڪيج لکيل آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته اهو اٽو ٻه اڍائي سال پُراڻو مُدي خارج ۽ جانورن کي کارائڻ جهڙو به نه آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا آڏو دانهيندي ڏنل سولنگي، واحد سومرو، الهه ڏتو،خادم حسين، الهه وسايو، نور حسين، نجمه، جنت خاتون، حاجران ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان اسان جي گهر ۾ اٽو ناهي، اسان جا ٻچا بُکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، اٽو 150 رپيا في ڪلو مهانگو ڪري اسان غريبن جي وات مان گرهه کسيو ويو آهي، 150 رپيا في ڪلو اٽو وٺڻ جي اسان ۾ سگهه ناهي.هنن چيو ته سرڪاري اسٽالن تي جيڪو سستو اٽو ڏنو وڃي ٿو، ان ۾ بدبوءِ آهي. ھنن چيو ته ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته دڪاندارن کي اٽو سستو ڏيڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي، باقي سستي اٽي جا اسٽال لڳائي ماڻهن کي تذليل ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.