نادر مگسي قتل جي ٻن ايف آءِ آر مان هڪ سي ڪلاس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان نادرمگسي جي قتل ڪيس جي ٻن ايف آءِ آر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڊي جي سائوٿ سميت ٻيا اهلڪار پيش ٿيا.پوليس چيو ته ٻئي ايف آءِ آر سي ڪلاس ڪري رهيا آهيون.عدالت پهرين ايف آءِ آر جو چالان ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي جو حڪم ڏنو. عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.ڪيس ۾ ايس ايچ او پيرآباد نظارعالم گرفتاري اڳ واري ضمانت ڪرائي آهي.درخواست گذار جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ کي گهر مان گرفتار ڪيو ويو، اوچتو اسان کي اطلاع مليو ته منهنجي پٽ نادر مگسي کي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي.

  1. نجمي عالم جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ خلاف درخواست رد

  2. ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف  تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  پ پ اڳواڻ نجمي عالم جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيوته نامزدگي فارم لاڳاپيل ادران ۾ چئلنچ ڪرڻ گهرجي ها.تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته نجمي عالم واٽر بورڊ جو وائيس چئيرمين آهي، هو چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي.عدالت چيو ته اوهان وٽ اپيل جو فورم موجود آهي. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرارنه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

    ڪراچي ۾ بندش پيل تنظيم سان واڳيل ڄاڻائي 3 نوجوان زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ پوليس اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث 3  جوابدارن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب جاچ ٽيم ڪالهه صبح جو اتحاد ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار عدنان، شهزاد عرف بابل ۽ ياسر ولد چندن زخمي ٿي پيا.  ايس ايس پي ڪياماڙي موجب گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن فرنٽ سان آهي. فدا حسين جانوري چيو ته جوابدارن کي ٻاهرين ملڪ مان آپريٽ ڪرڻ وارو مرڪزي ڪردار ماضي ۾ لياري گينگ وار جو حصو رهيو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار به گينگ وار جو حصو ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.