خوراڪ جي کوٽ آهي،زرعي تحقيقي انسٽيٽيوٽ به فعال نه پيا ڪريو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ سرحد سيڊ ريسرچ ايگريڪلچرل انسٽيٽيوٽ فارم بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي  جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين  لاکو جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل شبير علي بوزدار عدالت کي ٻڌايو ته سرحد سيڊ ريسرچ فارم کي زراعت جي بهتري ۽ ٻجن جي جاچ ۽ واڌ ويجھ بجائي سياسي اثر رسوخ تحت ٻي مقصد ۽ هائوسنگ سوسائٽي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري سنڌ ۾ خوراڪ جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ڪروڙين روپين جي ماليت سان قائم ٿيل ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ به فعال نه ٿي سگهيو آهي، درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس صلاح الدين پنهور زراعت کاتي جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته پهريائين ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ آهي ۽ توهان ايگريڪلچر فارم فنڪشنل ڇو نه پيا ڪيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري ايگريڪلچر سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي سنڌ ۾ موجود سڀني ايگريڪلچر فارم ۽ ريسرچ سينٽرن جي فعال ۽ غير فعال هجڻ سان گڏ انهن تي استعمال ٿيندڙ بجيٽ، ملازمن جو تعداد سميت زمين جي ايراضي ۽ ايگريڪلچر فارم توڙي سيڊ فارم جي مڪمل تعداد بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 14 جنوري يارهين بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.