مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) اداڪارا ڪبريٰ خان کان پوءِ مهوش حيات به سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي.درخواست گذار اداڪارا مهوش حيات چيو ته يوٽيوبرز  ڪوڙا الزام لڳائي منهنجي ۽ ٻين اداڪارائن جي وقار کي ڇيهو رسايو آهي.اداڪارا جي وڪيل جو چوڻ هو ته اڻوڻندڙ مواد هٽائڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سان رابطو ڪيو ويو پر ڪارروائي نه ٿي. واضح رهي ته تازو ئي پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات  ميجر (ر) عادل راجا جي الزامن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته عادل راجا سوشل ميڊيا تي هڪ وي لاگ ۾ پاڪستان جي ٽاپ ماڊلز ۽ اداڪارائن تي سنگين الزام هنيا ۽ ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته هڪ اداري وٽ انهن ماڊلز ۽ اداڪارائن جون  اڻوڻندڙ وڊيوز آهن.پنهنجي وي لاگ ۾ اداڪارائن جا نالا ڏيڻ بدران، عادل راجا اداڪارائن جا نالا شروع ۾ ايندڙ لفظن سان ڏنا، جن ۾ ايم ايڇ، ايم ڪي، اي ڪي، ايس اي شامل آهن.مهوش چيو ته جڏهن توهان ڪنهن ماڻهو تي الزام لڳايو ته پهريان توهان وٽ ثبوت هجڻ گهرجن.مهوش حيات جي وڪيل چيو ته اسان سائبر ڪرائم کي جيڪا درخواست ڏني آهي، اها  فائل ۾ شامل آهي پر ڪارروائي نه ڪئي.مهوش حيات جي وڪيل استدعا ڪئي ته الزام لڳائيندڙ کي سزا ڏني وڃي ۽ سوشل ميڊيا تي موجود مواد فوري هٽايو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اداڪارا  مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان موجود مواد هٽائڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي حڪومت، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ڌرين کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.