خيرپور ۾ پورهيتن جو ريڙها هٽائڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

خيرپور ( ڊ ر ) ريڙها مزدور يونين پاران سبزي ۽ فروٽ جا ريڙها پنجگلي چوڪ تان هٽائڻ ۽ مهانگائي خلاف ٻئي ڏينهن به پنجگلي  چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو،مير خان ناريجو،عبدالوهاب شيخ،راجو سرڪي،رضوان ملڪ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن صحافين کي ٻڌايو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف ميونسپل انتظاميان سبزي ۽ فروٽ جا ريڙها هٽائي پورهيتن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ۽ ان دور ۾ اٽو دوائون ۽ ٻين ضرورت شين جا ريٽ وڌائي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ھنن اعلي عدالت ۽ وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري مزدورن کي پنهنجو روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.