درياخان مري لڳ گڏهه گاڏي تان ڪري معصوم ٻار فوت

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان مبيجو ۾ گاھ سان ڀريل گڏھ گاڏي ھيٺان اچي 7 ساله معصوم نينگر صفي الله فوت ٿي وئي، فوتي نينگر جي والد صحبت مبيجو ٻڌايو ته پٽ سميت زمين تان گڏھ گاڏي تي گاھ کڻي گھر وڃي رھيو ھيس ته اوچتو گڏھ ٽاھ کاڌو ۽ گاڏو ڪلٽي ٿي پيو گڏھ گاڏي مٿان ويٺل صفي الله سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي علاج لاءِ دريا خان مري اسپتال آندو ويو معصوم نينگر جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري کيس نواب شاھ اسپتال نيو ويو ته نينگر زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.