گهوٽڪي ( ڊ ر )گهوٽڪي گرڊ اسٽيشن مان اڄ صبع نائين کان ٽيئن وڳي تائين بجلي جي فراهمي بند رهندي ، گهوٽڪي گرڊ اسٽيشن ۾ ضروري مرمت سبب بجلي جي فراهمي بند رکي ويندي ، خبر موجب ترجمان سيپڪو سکر چيو آهي ته گهوٽڪي گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ فيڊر اڄ 12 جنوري تي ضروري مرمت سبب بجلي جي فراهمي بند رهندي ، ترجمان چيو ته 132 ڪي وي گهوٽڪي گرڊ اسٽيشن مان بجلي جي فراهمي 12 جنوري تي (اڄ) صبح جو نائين وڳي کان شام جو ٽيئن وڳي تائين بند رهندي جنهن ڪري يارنهن هزار ڪي وي جا فيڊر متاثر ٿيندا انهن ۾ شاهي بازار فيڊر ،عادلپور فيڊر ،رحموالي فيڊر ،انڊسٽريل ،اسٽيشنفيڊر ،انور آباد ،گهوٽا، سرحد ،ڪچو ٻنڊي ،موٽر وي گهوٽڪي ،شگر مل، دڙي فيڊر ،قادرپور ،اٽل مراداڻي ،۽ سٽي سرحد فيڊرن جا صارفين متاثر ٿي سگهندا.