ميرپور ٻرڙو لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهاگي واهه ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڌرين هڪ ٻئي کي  لٺين جا ڌڪ هڻي هڪ ٻئي جا 6 ڄڻا ڀورل بنگلاڻي، علي نواز بنگلاڻي. شربت بنگلاڻي. محمدون بنگلاڻي سميت ٻيا زخمي ڪري وڌا. جن کي وارث ميرپور ٻرڙو جي مقامي اسپتال کڻي ويا جڏهن ته ميرپورٻرڙو پوليس هڪ ڌر ڀورل بنگلاڻي جي فرياد تي 3 ڄڻن شربت بنگلاڻي ۽ ٻين مٿان اين سي داخل ڪري ورتي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.