خانپور مهر لڳ پوليس پٽ ۽ پيءَ کي کنڀي وئي، عورت جو احتجاج

خانپورمهر ( رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر ويجهو خانپورمهر پوليس جي اهلڪارن پاران پي پٽ کي کنڀڻ خلاف وارثن مسمات حرمت ملڪ،  شمن ملڪ ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مسمات حرمت ملڪ ٻڌايو ته اسين خانپورمهر شهر وڃي رهيا هئا سين ته پرائيويٽ ڪار ۾ سوار اھلڪارن پاران موٽرسائيڪل ٽڪر هنيو ويو،نتيجي ۾ آءُ  ۽ منهنجي معصوم ڌيءَ وحيدان زخمي ٿي پيون ، جڏهن ته موٽر سائيڪل ڪرڻ بعد پوليس منهنجي مڙس علي احمد ملڪ ۽ پٽ امجد ملڪ کي کنڀي وئي، گرفتار ٿيل پيءُ  پٽ کي آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي خانپورمهر ٿاڻي جي وڏي منشي سعيد شر ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مختلف ڪيسن ۾ ملوث آهن، ڪو به ٽڪر نه لڳو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.