ميهڙ ۾ امدادي رقم مان هڪ هزار ڪٽوتي، متاثر عورتن جو احتجاج

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا )ميھڙ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن جي لاءِ وظيفي جي قسط جاري ٿيندي ئي  مستحق عورتن جي دڪانن ، بينڪن جي اي ٽي ايم ۽ مختلف جڳھن تي رش ٿي وئي، اي ٽي ايم ، بائيو ميٽرڪ وارن سگنل جو مسئلو ڄاڻائي ڊوائيسون بند ڪري عورتن جي تذليل شروع ڪري ڇڏي آهي، انتظاميه پاران ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا مستحق عورتن پاران پوري قسط گهرڻ تي فنگر نه لڳڻ ۽ سسٽم بزي ھجڻ جو بھانو ڪري مستحق عورتن کي پريشان ڪيو وڃي پيو، عورتن جو دڪانن اڳيان معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪيو، ھنن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته مستحق عورتن جي لاءِ آيل 7000 روپين جي قسط مان ڪٽوتي جو سلسلو به رڪجي نه سگھيو آھي، ھر ھڪ مستحق عورت کان ڊوائيز هولڊر ايجنٽ ۽ دڪاندار ھڪ ھزار روپين جي ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آھن، ھنن چيو  ته مستحق عورتن جي پيسن مان ڪٽوتي ڪندڙن ۽ ڊوائيسون بند ڪرڻ جو انتظاميه به ڪو نوٽيس نه ورتو آھي ھزارين عورتون پريشان بڻيل آھن ھنن چيو ته خدارا نوٽيس وٺي مستحق عورتن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.