پريالو لڳ گهر کي باهه، چئن ورهين جي نينگري سڙي زخمي

پريالو(ن ع آ) پريالوءِ جي ٺل پيرواري علائقي نئين آبادي جي رهواسي اياز الرو جي گهر ٻاهران رکيل چوپائي مال جي پلال کي اوچتو باهه لڳي وئي، پلال کي باهه لڳڻ ڪري پلال مٿان ويٺل 4 ورهين جي نينگري زينب فاطمه ڌي اياز الرو باهه ۾ سڙي زخمي ٿي پئي جنهن کي علائقي واسين باهه مان زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو جڏهن ته پلال کي لڳل باهه ڪري اياز الرو جي گهر کي پڻ باهه وڪوڙي وئي . گهر کي باهه لڳڻ بعد گهر اندر ويٺل گهر ڀاتي دانهون ڪندا ٻاهر نڪري آيا جڏهن ته باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل معصوم ٻارڙي زينب فاطمه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث کڻائي پريالوءِ جي نجي اسپتال پهچايو جتي کيس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس ڊاڪٽر پاران سول اسپتال سکر ڏانهن رفر ڪيو جنهن بعد زخمي ٿيل ٻارڙي زينب فاطمه کي سندس وارث سکر اسپتال ڏانهن کڻائي ويا، هوڏانهن گهر کي باهه لڳڻ ڪري گهر ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.