خيرپور ۾ اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور (ڊ ر )پوري سنڌ سميت خيرپور ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ هٿرادو مھانگائي خلاف پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو پاران ريلي ڪڍي  ڪورٽ روڊ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن جي اڳواڻي عطاءُ الله ڀٽو،ڪامريڊ اشفاق سرڪي، حُبدار خاصخيلي، امتياز اوڍاڻو ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا، جن صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ماڻھن کي خودڪشيون ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ مهانگائي سبب غريب مسڪين ماڻهو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ مشڪلاتن جو شڪار آهن، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽو سستو ڪري ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.